عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي

عبدالستار خان نيازي: مشهور عالم دين ۽ تحريڪ پاڪستان جي صفِ اول جو قائد مولانا خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي 1915ع ڌاري ڄائو ۽ عيسى خيل مان مئٽرڪ پاس ڪري لاهور اچي علامه اقبال جي جاري ڪيل اشاعت اسلام ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتي هن قرآن، حديث، فقه، سيرت نبوي صه، تاريخ، مذهبن جي تقابلي مطالعي، اسلامي تهذيب ۽ تمدن ۽ اسلامي تحريڪن سان لاڳاپيل ٻن سالن جي نصاب جي تڪميل ڪري شاعرِ مشرق علامه اقبال کان سند حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ اسلاميه ڪاليج لاهور مان بي.اي ۽ 1940ع ۾ ايم.اي ڪيائين. ان کانپوءِ هو ڪيترائي سال اسلام ڪاليج لاهور ۾ پڙهائيندو رهيو. 1946ع ۾ جڏهن قائداعظم انگريزن جي خلاف ‘سڌو سنئون قدم کڻڻ’ جو فيصلو ڪيو ته خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي ڪاليج کي ڇڏي پاڪستان جي تحريڪ ۾ مڪمل طرح سان سلهاڙجي ويو. توڙي جو پاڻ طالب علميءَ واري دور ۾ به تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو هو. مولانا صاحب پنجاب اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي بانيڪارن مان هو. 1943ع ۾ ضلعي ميانوالي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. 1946ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ميانواليءَ مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم.ايل.اي چونڊيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1951ع ۾ ٻيو ڀيرو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ تحريڪ ختم نبوت ۾ اڳواڻن وارو ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سبب گرفتار ٿيو. خصوصي فوجي عدالت کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. ست ڏينهن اٺ راتيون ڦاسيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ رهيو. 14 مئي تي سندس ڦاسي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿي. 1955ع ۾ کيس باعزت آزاد ڪيو ويو. پاڻ 1975ع کان جميعت العلماءِ پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ مرڪزي صدر رهيو. مولانا خان نيازي'>عبدالستار خان نيازي 1988ع کان 1990ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. هو وفاقي وزير مذهبي امور ۽ سينيٽر به رهيو. هن 2 مئي 2001ع تي ميانواليءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالستار خان نيازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2001.05.02  عيسوي

مولانا عبدالستار خان نيازي 1915ع ڌاري ڄائو.هن 2 مئي 2001ع تي ميانواليءَ ۾ وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الدين مخدوم
آخوند فيض محمد
فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر
رفيع الدين مولانا
امام ترمذي
حافظ علي محمد آخوند
ابڙو احمد
حافظ محمد ابراهيم مولانا
اي ٽي شهاڻي
عبدالقادر انڍڙ مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون